ٻٽي آمري

ٻٽي آمري: هي هڪ ديهه جو نالو آهي، جيڪا ڪراچيءَ ۾ آهي. سهراب ڳوٺ ال آصف اسڪوائر ۽ جنت گل ٽائون، جيڪي ديهه ڳجهڙي ۾ آهن، انهن کان پوءِ ديهه ٻٽي آمريءَ جون حدون شروع ٿين ٿيون. لاسي ڳوٺ وٽان وهندڙ ڍورو، جيڪو هن وقت گٽر نالو آهي، وهي اچي، لياري ۾ ڇوڙ ڪري ٿو، انهيءَ ڍوري جو نالو ٻٽي آمري آهي، جنهن تان نالو ٻٽي آمري مشهور ٿيو. انهيءَ ڍوري ۾ ٻه ٻٽا (جاڙا) آمري (گدامڙي) جا وڻ هئا، جنهنڪري هي علائقو ٻٽي آمريءَ ڪري مشهور ٿيو. هن ديهه ۾ گبولن، بروهين، برفتن، ڪانڙن ۽ ڇٽن جا ڳوٺ آهن. ديهه جي هڪ حصي ۾ ڪجهه فيڪٽريون به آهن. لياري نئن جي ڪپ ۽ شهر کي ويجهو هئڻ ڪري هتي ڪچيون آباديون گهڻيون آهن، جن ۾ واڌارو ٿيندو پيو وڃي. هتي پٺاڻن، افغانين ۽ بنگالين جو وڏو انگ رهي ٿو. ديهه ٻٽي آمري، تپي سونگل، تعلقي ڪراچيءَ ۾ آهي .


لفظ ٻٽي آمريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو